Siraj-ul-Haque Memon

Home » Sindhi News » ….هن کي سنڌ صدين تائين ياد رکندي

….هن کي سنڌ صدين تائين ياد رکندي

Advertisements

سراج جنهن جو وجود ته هڪ فرد جهڙو ئي هو پر سندس زندگي جا ڪيترائي پهلو هئا ۽ هُو هر پهلو تي ڪامياب ۽ ثابت قدم رهيو جيڪا حقيقت سندس وڏي قدآور شخصيت هئڻ جي علامت هئي، هُو غير متضاد انسان هو، سياسي ٺڳي ٺوڙين کان پري هو هڪ ئي وقت فڪري حوالي سان سائين جي ايم سيد جو فڪري ساٿي به هو ته ڪن معاملن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي به ويجهو رهيو ۽ رسول بخش پليجي سان سندس گهرا تعلقات رهيا، هُن هر رشتي جو ڀرم رکي ان کي خوب نڀايو، ذوالفقار علي ڀٽي پاران مليل هلال پاڪستان واري ذميواري کي نڀائيندي هُو ان اخبار سان نه فقط واڳيل رهيو پر اخبار جي ڪاميابي لاءِ جاکوڙ به ڪئي ۽ ٻئي پاسي پنهنجي تمام ويجهي ساٿي ۽ هن صدي جي ٻئي قدآوار شخصيت سائين محمد ابراهيم جويي سان سيد واري فڪري سوچ تي رهاڻيون به ڪندو رهيو ۽ رسول بخش پليجي سان به دوستي واري رشتي جي رسي به مضبوطي سان جهليو بيٺو رهيو.

سنڌ جي هڪ ٻئي يگاني عاشق نياز همايوني جي لکيل نظم ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول، منهنجي دنيا هيڪل وياڪل“ جي عنوان سان سراج ٽن ناولن ”منهنجي دنيا مرگهه ترشنا“ تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“، ”منهنجي دنيا هيڪل وياڪُل“ جهڙن شاهڪار ناولن جي ٽرائيڪا ڏيئي سنڌي ادب ۾ ناول جي صنف کي هڪ مضبوط ديوار ڏني، سراج ”پڙاڏو سوئي سڏ“ ناول لکي سنڌ جي نئين نسل کي ڌارين جي ظلم بربريت ۽ جبر بابت آگاهي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ان کانسواءِ ”مرڻ مون سين آءُ“ ۽ ڪهاڻين جي ڪتابن به نون پڙهندڙ کي همت ۽ حوصلو ڏنو، سچ ته سراج مون جهڙن لکين نوجوانن لاءِ اهو اڻ ڏٺو استاد هو جنهن چيچ پڪڙي ادب جي دنيا ڏانهن وڌڻ لاءِ اُتساهيو، اسانجي موجوده ٽهي جي خوشنصيبي آهي جو سنڌي ادب جي نثر ۾ تمام وڏن نالن سراج، امر جليل، قمرشهباز، نورالهديٰ شاهه، آغا سليم جهڙن تمام گهڻين وڏين شخصيتن سان گڏ هڪ ئي فضا ۾ ساهه کنيو ۽ سندن لکڻين کي پڙهي ڏانُ حاصل ڪيو.

سراج نه فقط ٻولي جو وڏو پارکو ۽ نثر نويس هو پر نصابي لحاظ کان به ذهانيت ۾ سندس مٽ نه هو، 1957ع ڌاري چٽا ڀيٽي واري امتحان سي ايس ايس ۾ پوزيشن حاصل ڪري پاڻ مڃايو سرڪاري ملازمت دوران جنرل يحيٰ جي راتاهي جو شڪار بنيل 303 آفيسرن ۾ سندس نالو به شامل هو، اقتصادي ۽ مالي حوالن سان به ڪمال جي ڄاڻ رکندڙ سراج جو شمار ملڪ جي چوٽي جي وڪيلن ۾ هو جيڪو هڪ سنڌي هئڻ جي ناتي يقينن فخر لائق ڳالهه هئي.

والد جي وفات بعد ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ وڏو هئڻ ڪري مٿس ذميوارين جا انبار لڳي ويا، جيڪي ذميواريون هُن ننڊڙيون ملازمتون ڪري به پوريون ڪيون، سنڌ ۾ ڇوڪرين جي پڙهائڻ واري رجحان کي غلط سمجهندڙ سماج ۾ استاد محمد يعقوب جي نياڻين جو پڙهڻ ڪنهن طوفان کان گهٽ نه هو پر سراج ثابت قدمي سان پنهنجي ڀيڻن ۽ ڀائرن جي تعليم لاءِ همت ۽ حوصلي جي لاٽ بنيو ۽ اڳتي زماني ڏٺو ته سندن گهراڻو اعليٰ تعليم يافته گهراڻن ۾ شمار ٿيڻ لڳو، سندس وڏي هئڻ وارو رشتو هُن زندگي جي آخري ايامن تائين نڀايو، هر آچر ڏيهاڙي ڀيڻن ڀائرن ۽ انهن جي اولاد جي آمد سان سراج جي گهر ۾ ميلو متل هوندو هو ۽ هر آچر تي ماني گڏ کائڻ واري رسم هن گهراڻي جي مستقل فطرت بنجي ويئي، هر عيد تي ڀيڻن، ڀائرن ۽ سندن ٻارن لاءِ ڪپڙا وٺي ڏيڻ ڄڻ سراج صاحب جو فرض بنيل هو، ڀائرن، ڀينئرن، ڀائيٽن ۽ ڀاڻيجن جي وڏن عهدن تي هئڻ باوجود سراج جي ان فطرت سموري ڪٽنب کي الڳ الڳ رهندي به هڪ ڪري رکيو هو، اڄ سراج جو نه هئڻ يقينن سندس ڪٽنب لاءِ وڏو نقصان آهي ئي پر سندس وڇوڙي سنڌ ادب جي نثر واري پاسي تمام وڏو خال پئدا ڪيو آهي، سراج جيڪو اتساهيندڙ ۽ حوصلو ڏيندڙ ڪردار هو تنهن جي حياتي کي پرکڻ ۽ ان مان وڌيڪ درس حاصل ڪرڻ لاءِ سندس اڻ ڇپيل جيون ڪٿا ’ Biography of unknown Sindhi‘ کي ڇپائي نئين نسل تائين پهچائڻ ، چيو وڃي ٿو ته ان ۾ سراج صاحب پنهنجي حياتي ۾ ايندڙ تمام گهڻيون تلخ حقيقتون به بيان ڪيون آهن، جيڪي ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه ثابت ٿي سگهن ٿيون…… سراج کي سنڌ صدين تائين ياد رکندي.

سليم جروار

عوامي آواز

Awami Awaz

Link: http://www.awamiawaz.net/sirajul-haq-memon#.URVdJ4dXY6N.

Advertisements

Post your message

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out /  Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out /  Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out /  Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out /  Change )

w

Connecting to %s

%d bloggers like this: