Siraj-ul-Haque Memon

Home » Sindhi News » بي بي سي سنڌي: انگريز وڃڻ بعد بگهڙ ٻاهر نڪري آيا، جن سنڌ کي برباد ڪري ڇڏيو: امر جليل

بي بي سي سنڌي: انگريز وڃڻ بعد بگهڙ ٻاهر نڪري آيا، جن سنڌ کي برباد ڪري ڇڏيو: امر جليل

ڪراچي سنڌ جي ناليوارن اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن چيو آهي ته سراج الحق ميمڻ، سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان اتساهه پيار ڪندو هو، هن جديد صحافت جو بنياد وڌو، سندس وڃڻ سان جيڪو خال پيدا ٿيو آهي اهو سندس تحريرن جي صورت ۾ اسان وٽ زندهه رهندو، اهڙو اظهار هنن ڪالهه هتي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان پاران سراج الحق ميمڻ جي ياد ۾ ڪرايل ادبي ريفرنس ۾ ڪيو، ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي ناليوارو اديب ۽ ڪهاڻيڪار امر جليل چيو ته سراج الحق مون کي ڪالم نگار بڻايو، ان کان پهريان آئون ڪهاڻيڪار هيس، سراج الحق اسان کان اڳ واري ادبي لڏي جو طاقتور قلمڪار هو، مون هن سان 7 سال گڏجي اخبار ۾ ڪم ڪيو، هن ٻڌايو ته ڪالم لکڻ تي سرڪار طرفان گرفتاري جا وارنٽ نڪتا پر سراج مون کي گرفتار ٿيڻ کان بچائي ورتو نه ته اڄ توهان جي سامهون نه هجان ها، هن چيو ته سراج اڪثر چوندو هو ته اهو لکو ته سنڌ جي تباهي جو ذميوار ڪير آهي؟

امر جليل وڌيڪ چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ٻين سڀني صوبن ترقي ڪئي آهي پر سنڌ ۾ ايترا ته ظلم ۽ هاڃان ٿين ٿا جو ڪنهن کي به خبر ڪو نه ٿي پوي ، هن چيو ته انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ بگهڙ ٻاهر نڪري آيا، جن ٺهيل ٺڪيل سنڌ کي برباد ڪري ڇڏيو، هن چيو ته سنڌ جا وڏيرا پير، مير، اسيمبلي ۾ ميمبر بڻجي ويٺل آهن، جيڪي پاڻ قانون ٺاهي اسان مٿان پيا مڙهين، هن سواليه انداز ۾ چيو ته سنڌ جا اسڪول ڪنهن بند ڪيا آهن؟ ڇا بلوچن، پٺاڻن يا ايم ڪيو ايم وارن بند ڪرايا آهن، يا وري وڏيرن، خانن ۽ پيرن بند ڪرايا آهن؟ هن چيو ته 1947ع کان پوءِ انهن کي تمام گهڻي آزادي ملي آهي، هنن سنڌ کي ايترو ته پيڙهيو آهي جو نالو نشان به ڪو نه ٿو ملي، هن چيو ته سراج جي 2 ڪتابن جا سودا پيل آهن، جيڪي ڇپرايا وڃن، هن چيو ته سراج الحق جا لکيل ايڊيٽوريل تاريخ آهن، جن کي گڏ ڪري ڪتابي شڪل ڏني وڃي، ريفرنس کي خطاب ڪندي وقتي گورنر نثار احمد کهڙو چيو ته سراج الحق بي باڪ ماڻهو هو، مون کي اميد آهي ته سندس پٽ پنهنجي والد جي نالي کي زندهه رکندا، سنڌي ٻولي اختياري جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين چيو ته ادا آخري ڏهاڙن ۾ اسان کي سنڌ جي پارت ڪندو رهيو، جڏهن کانئس طبعيت بابت پڇا ڪندي هيس ته اها وراڻي ڏيندو هو ته ”پئي کڻي پسا، پسڻ ڪاڻ پرين جي“ هن چيو ته ادا محبت جو مچ هو، اسان پتنگن وانگر سندس چوڌاري گڏ ٿيندا هئاسين، ناليواري شاعر امداد حسيني چيو ته سراج لطيفي لغت تي ڪم ڪري رهيو هو، سندس ڇڏيل ڪم کي اوليت ڏني وڃي، ناول نگار غلام نبي مغل چيو ته سراج الحق سنڌي ٻولي جو عالم هو هن صدي ۾ اسان نبي بخش بلوچ کانپوءِ هڪ املهه شخصيت کي وڃائي ويٺا آهيون، هن جون ڪهاڻيون بين الاقوامي معيار جون آهن.

سنڌي ٻولي جي ماهر ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو چيو ته سراج الحق سان 43 سالن کان واسطو رهيو سراج سنڌي ٻولي جو مان مٿانهون ڪيو، هن چيو ته حڪومت کي گذارش آهي ته سراج الحق جي نالي سان ڪراچي ۾ يادگار ٺهرايو وڃي، سگا جي باني اڳواڻ ڊاڪٽر سليمان شيخ چيو ته سراج الحق دردمند دل رکندڙ انسان هو، هن ڪوٽا سسٽم تي عمل ڪرائڻ لاءِ پٽيشن داخل ڪرائي جنهن ڪري اڄ ٿورو گهڻو ڪوٽا سسٽم تي عمل ٿئي پيو، ناليواري شاعره سحر امداد چيو ته مون شاگردي واري زماني ۾ سراج جو ناول پڙاڏو سوئي سڏ پڙهيو ۽ هن ٻڌايو مون سراج کان گهڻو ڪجهه سکيو، هو سنڌي ٻولي جو عاشق هو، هن جي وڃڻ سان خال پيدا ٿيو آهي پر هو پنهنجن تحريرن ذريعي اسان وٽ زندهه رهندو، سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي مظهر الحق صديقي جو چوڻ هو ته سراج الحق جا ناول احترام وارا ناول آهن، هن سنڌي ٻولي سان بي انتها محبت ڪندي ننڍي عمر ۾ سنڌي ٻولي تي ڪتاب شايع ڪرايو، ناليواري صحافي نذير لغاري چيو ته سراج صحافت ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا، امر جليل کي ڪالم نگار بڻائڻ ۾ سراج جو وڏو هٿ آهي

برک ڪهاڻيڪاره نور الهديٰ شاهه چيو ته سراج الحق ڪراچي جي ماڻهن کي ٻڌايو ته اسان هن شهر جا آهيون، هتي دفن ٿيندا آهيون بنيادي طور تي اسان پڙهيل لکيل قوم آهيون، هن چيو ته سراج جو ڪم زندهه رهندو ناليواري قانوندان ايڊووڪيٽ روچيرام چيو ته سراج الحق ميمڻ کي ٻڌڻ کانپوءِ سنڌي ماڻهو لکڻ ۾ فخر ڪرڻ محسوس ڪرڻ لڳو ، سراج چيو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت مان نڪتل ناهي پر اها پاڻ خودمختيار ٻولي آهي، ناليواري ڪالم نگار ڊاڪٽر ايوب شيخ چيو ته سراج الحق ميمڻ غربت کي گڏ کڻي ڀينرن کي پڙهايو، ان دور ۾ عورتن کي پڙهائڻ عيب سمجهيو ويندو هو، سراج انسان دوست ۽ جمهوريت دوست هو، سراج الحق 1964ع ۾ ”سنڌي ٻولي“ ڪتاب لکي ثابت ڪيو ته سنڌي زبان ڪنهن سان ساخد ٿيل ناهي پر اها اصل زبان آهي، ريفرنس ۾ مظهر جميل ، انور منصور، ارشد سراج، احمد شاهه ۽ ٻين ويچار ونڊيا.

Link: http://www.bbcsindhi.com/story/29518/

Advertisements

Post your message

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

%d bloggers like this: