Siraj-ul-Haque Memon

Home » Biography » شخصيت

شخصيت

سنڌ جي نامور اديب، عالم، محقق، مترجم، صحافي ناول نگار ’سراج‘ جو پورو نالو سراج الحق ولد محمد يعقوب ميمڻ هو، هن 24 آڪٽوبر 1933ع تي ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس والد محمد يعقوب ميمڻ وقت جو بهترين تعليمدان ۽ علم ۽ ادب سان چاهه رکندڙ هو. سندس ترجمو ڪيل ’ديوان حافظ‘ سنڌي ادب ۾ يادگار حيثيت رکي ٿو. سراج تي پنهنجي والد جي مزاج جو اثر ٿيو ۽ شروع کان ئي لکڻ، پڙهڻ سان واسطو رهيس. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان وٺڻ کانپوءِ نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ سموري بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ٽين پوزيشن کنيائين. سندس تعليم بي. اي (آنرس)، ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي آهي. پيشي جي لحاظ کان 1953ع ۾ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ ۾ نوڪري شروع ڪيائين ۽ 1955ع ۾ ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. 1957ع ۾ سي. ايس. ايس. جو چٽاڀيٽيءَ جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽئڪس جي کاتي ۾ آفيسر مقرر ٿيو، جتان 1969ع ۾ جبري رٽائرمينٽ ٿيس. سندس خلاف الزامن مان مکيه سرڪاري ملازمت ۾ هوندي قومپرست ۽ ترقي پسند ادبي تحريڪن ۾ حصو وٺڻ ۽ قوميت جي موضوع تي لکڻ هو. ان کانپوءِ ڪجهه وقت وڪالت ڪيائين. 1971ع ۾ ڪراچيءَ مان هلال پاڪستان اخبار جو اجراء ٿيو، جنهن ۾ کيس ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. هن اخبار ذريعي سراج، جديد صحافت ۾ نوان ۽ اڇوتا لاڙا آندا. ان تي کيس سنڌي جديد صحافت کي نئون جنم ڏياريندڙ چيو وڃي ٿو. 1977ع ۾ ضياءُ الحق جي دور ۾ هن فوجي حڪومت کان ڊڪٽيشن وٺڻ کان انڪار ڪندي هلال پاڪستان مان استعيفا ڏني ۽ واپس وڪالت جي شعبي سان لاڳاپجي ويو ۽ عمر جي آخري عرصي تائين سپريم ڪورٽ جو سينيئر وڪيل رهيو. انڪم ٽيڪس قانون تي سندس مهارت سبب کيس ان مضمون جي ميدان ۾ ’انسائيڪلوپيڊيا! چيو ويندو هو.
سراج سنڌي ادب جي هڪ گھڻ پاسائين شخصيت رهيو، سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو 1961ع ۾ ’اي درد هلي آءُ‘ جي نالي سان شايع ٿيو ۽ ٻيو مجموعو ’اٺون ماڻهو‘ 1985ع ۾ شايع ٿيو. جديد سنڌي ادب ۾ سراج سڀ کان وڌيڪ تخليقي ناول لکيا ۽ هي اهو پهريون سنڌي ليکڪ آهي، جنهن ٽن ناولن تي ٻڌل ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ جي نالي سان سنڌي ادب جي پهرين ٽريالاجي لکي. سراج، سنڌ جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪيو، جن سنڌ جي تاريخ اڳ ۾ ڪانه پڙهي هئي، تن سراج جا ناول پڙهي پوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ دلچسپي ورتي. سراج جو پهريون جڳ مشهور ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ 1979ع ۾ ڇپيو، هي ناول سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن جي قهري دور جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پيش ڪري ٿو. سندس ٻيو ناول ’مرڻ مون سين آءُ‘ 1988ع ۾ ڇيپو، ان کانسواءِ ’منهنجي دنيا مرگھه ترشنا‘، ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ سندس اهم ناول آهن. سراج ڪيترائي ڊراما پڻ لکيا. هڪ مترجم جي حيثيت سان هن ’چين جي هارين کي زمين ڪيئن ملي‘، ’چونڊ آمريڪي افسانا‘، ’ڏکڻ مان ٿو سج اڀري‘، ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ ڪتاب پڻ ترجمو ڪيا. سندس ناول ۽ افسانن جا مجموعا، افسانوي ادب ۾ تمام گھڻي اهميت جا حامل آهن. سراج پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر رهڻ دوران اهم مسئلن تي ايڊيٽوريل لکڻ کانسواءِ ’رتيءَ جي رهاڻ ۽ ملان جي ڊوڙ‘ ۽ جاڳو اخبار ۾ ’سياسي منظرنامو‘ جي سري سان سوين مضمون ۽ ڪالم لکيا.
لسانيات جي حوالي سان سندس اهم تصنيف ’سنڌي ٻولي‘ 1964ع ۾ ڇپيو، جنهن سنڌي ادب ۾ ٻوليءَ جي ارتقا جي حوالي سان نوان بحث ڇيڙيا. هن ڪتاب ۾ پهريون ڀيرو هن سنڌ جي ٻين عالمن سان اختلاف ڪندي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي اصلوڪي ۽ بنيادي ٻولي قرار ڏنو، جنهن کي شروع ۾ جن قبول نه ڪيو، انهن به تحقيق بعد آخر ۾ اچي ساڳي ڳالهه ڪئي. هن ڪتاب کي ’پاڪستان رائيٽرس گلڊ‘ پاران انعام پڻ مليو ۽ 2009ع ۾ هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو پڻ شايع ٿيو، جيڪو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپيو آهي. سندس ٻه انگريزي ڪتاب زير اشاعت آهن: (1) History of Sindhi Language, (2) Biography of an unknown Sindhi.
سراج شاعري به ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي سنڌ کان ڌار ڪري وفاق حوالي ڪرڻ جي موقعي تي ’ڪراچي‘ نالي سان تاريخي ۽ اهم نظم لکيو.
سراج، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان سچو عشق رکندڙ، ڏاهو دانشور، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ماهر لسانيات رهيو . کيس ٽن پٽن جو اولاد ٿيو. 2 فبروري 2013تي سندس لاڏاڻي جي خبر علمي ادبي لڏي سميت سندس چاهيندڙن کي صدمو ڏنو.

%d bloggers like this: