Siraj-ul-Haque Memon

Home » Sindhi News

Category Archives: Sindhi News

بي بي سي سنڌي: انگريز وڃڻ بعد بگهڙ ٻاهر نڪري آيا، جن سنڌ کي برباد ڪري ڇڏيو: امر جليل

ڪراچي سنڌ جي ناليوارن اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن چيو آهي ته سراج الحق ميمڻ، سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان اتساهه پيار ڪندو هو، هن جديد صحافت جو بنياد وڌو، سندس وڃڻ سان جيڪو خال پيدا ٿيو آهي اهو سندس تحريرن جي صورت ۾ اسان وٽ زندهه رهندو، اهڙو اظهار هنن ڪالهه هتي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان پاران سراج الحق ميمڻ جي ياد ۾ ڪرايل ادبي ريفرنس ۾ ڪيو، ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي ناليوارو اديب ۽ ڪهاڻيڪار امر جليل چيو ته سراج الحق مون کي ڪالم نگار بڻايو، ان کان پهريان آئون ڪهاڻيڪار هيس، سراج الحق اسان کان اڳ واري ادبي لڏي جو طاقتور قلمڪار هو، مون هن سان 7 سال گڏجي اخبار ۾ ڪم ڪيو، هن ٻڌايو ته ڪالم لکڻ تي سرڪار طرفان گرفتاري جا وارنٽ نڪتا پر سراج مون کي گرفتار ٿيڻ کان بچائي ورتو نه ته اڄ توهان جي سامهون نه هجان ها، هن چيو ته سراج اڪثر چوندو هو ته اهو لکو ته سنڌ جي تباهي جو ذميوار ڪير آهي؟ (more…)

Advertisements

….هن کي سنڌ صدين تائين ياد رکندي

سراج جنهن جو وجود ته هڪ فرد جهڙو ئي هو پر سندس زندگي جا ڪيترائي پهلو هئا ۽ هُو هر پهلو تي ڪامياب ۽ ثابت قدم رهيو جيڪا حقيقت سندس وڏي قدآور شخصيت هئڻ جي علامت هئي، هُو غير متضاد انسان هو، سياسي ٺڳي ٺوڙين کان پري هو هڪ ئي وقت فڪري حوالي سان سائين جي ايم سيد جو فڪري ساٿي به هو ته ڪن معاملن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي به ويجهو رهيو ۽ رسول بخش پليجي سان سندس گهرا تعلقات رهيا، هُن هر رشتي جو ڀرم رکي ان کي خوب نڀايو، ذوالفقار علي ڀٽي پاران مليل هلال پاڪستان واري ذميواري کي نڀائيندي هُو ان اخبار سان نه فقط واڳيل رهيو پر اخبار جي ڪاميابي لاءِ جاکوڙ به ڪئي ۽ ٻئي پاسي پنهنجي تمام ويجهي ساٿي ۽ هن صدي جي ٻئي قدآوار شخصيت سائين محمد ابراهيم جويي سان سيد واري فڪري سوچ تي رهاڻيون به ڪندو رهيو ۽ رسول بخش پليجي سان به دوستي واري رشتي جي رسي به مضبوطي سان جهليو بيٺو رهيو (more…)

سراج: هڪ تاريخ ساز شخصيت

تاج جويو

  فيبروري 2013ع تي سنڌ جي ارڏي اديب، عالم ۽ محقق ’سراج‘ جي لاڏاڻي جي خبر علمي ادبي لڏي سميت سندس چاهيندڙن کي صدمو ڏنو. سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان سچو عشق رکندڙ، ڏاهي دانشور، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، محقق ۽ ماهر لسانيات ’سراج‘ جو پورو نالو سراج الحق ولد محمد يعقوب ميمڻ هو، هن 24 آڪٽوبر 1933ع تي ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس والد محمد يعقوب ميمڻ وقت جو بهترين تعليمدان ۽ علم ۽ ادب سان چاهه رکندڙ هو. سندس ترجمو ڪيل ’ديوان حافظ‘ سنڌي ادب ۾ يادگار حيثيت رکي ٿو. سراج تي پنهنجي والد جي مزاج جو اثر ٿيو ۽ شروع کان ئي لکڻ، پڙهڻ سان واسطو رهيس. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان وٺڻ کانپوءِ نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ سموري بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ٽين پوزيشن کنيائين. سندس تعليم بي. اي (آنرس)، ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي هئي. پيشي جي لحاظ کان 1953ع ۾ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ ۾ نوڪري شروع ڪيائين ۽ 1955ع ۾ ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. 1957ع ۾ سي. ايس. ايس. جو چٽاڀيٽيءَ جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽئڪس جي کاتي ۾ آفيسر مقرر ٿيو، جتان 1969ع ۾ جبري رٽائرمينٽ ٿيس. (more…)